700 7th Street SW #205, Washington, DC 20024

info@sindhifoundation.org

202-378-0333

 

July 16, 2016 - Unity for Justice, Sindh, Pakistan

Joint Statement Regarding Unity for Justice (Sindhi)

Posted by admin on July 25, 2016

سنڌي فائونڊيشن واشنگٽن ڊي. سي، آمريڪا جي سڏ تي ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ انصاف لاءِ اتحاد جي سري هيٺ اڄ 16 جولاءِ تي ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن جي صدارت سنڌي فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص طور سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جا مکيه موضوع سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌ اندر سنڌ جي آبادي جي توازن کي درپيش خطرا هيو. ڪانفرنس ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر ابرار قاضي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مري، جيئي سنڌ محاذ (سرور سهتو) جي سينئر وائس چيئرمين صوفي حضور بخش، سنڌ ساگر پارٽي جي مرڪزي ڪنوينر مولانا عزيز الله ٻوهيو، سنڌ نيشنل موومينٽ جي مرڪزي صدر اعجاز سامٽيو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مظهر راهوجو، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زنئور ۽ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي چيئرمين قمر ڀٽي سميت سيد غلا م شاهه، علي نواز ٻٽ، حريف چانڊيو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني جماعتن جي اڳواڻن سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌ اندر سنڌين جي آبادي جي توازن کي درپيش خطرن تي تفصيلي بحث کانپوءِ گڏيل طور تي اهو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ تاريخي طور امن پسند، مذهبي طور روادار ۽ هڪ خودمختيار وطن رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٻه قومي نظرئي واري غير فطري سوچ کي بنياد بڻائي رياستي سهائتا سان هن خطي اندر مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي وئي آهي، جنهن جو اثر اڄ سنڌ تي پڻ پئجي رهيو آهي. سنڌ جي تباهه ٿيندڙ تعليمي نظام ۽ غربت جي وڌندڙ سطح کي هٿيار بڻائي مدرسن جي معرفت سنڌ ۾ ڪشمور کان ڪارونجهر تائين مذهبي انتهاپسندي جو ڄار وڇائي ٻارڙن کي مذهبي تعليم جي نالي ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. جتي انهن ٻارڙن کي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ لٽا ڪپڙا پڻ مهيا ڪيا  وڃن ٿا، جڏهن ته اهڙن مدرسن جي مالي سهائتا ۽ قانوني تحفظ مهيا ڪرڻ ۾ پاڪستان جا سرڪاري ادارا پڻ شامل آهن. گڏيل طور تي اها گهر ڪئي وئي ته اهڙن سڀني مدرسن کي سرڪار هڪدم بند ڪرائي جن  ۾ ٻاهرين ملڪن جا هٿياربند ويڙهاڪ پناهه وٺن ٿا يا اتي اهڙي قسم جي سوچ جي تربيت ڏني وڃي ٿي، جنهن سان سنڌ جي مذهبي رواداري واري ڪلچر کي خطرو آهي.

سنڌ قدرتي وسيلن سامونڊي بندرن، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سان مالامال آهي، پر انهي تي مالڪي جو حق سنڌ وٽ نه هجڻ سبب وفاق جي نالي ۾ سموري منافعي جو ڪجهه حصو سنڌ کي ڏئي باقي پنجاب کڻي وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌ جي نااهل ۽ بي ايمان حڪمرانن جي ڪرتوتن سبب اهو مليل حصو به سنڌ جي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪو نه ٿو ٿئي. گڏيل طور تي گهر ڪئي  وئي ته سنڌ جي قدرتي وسيلن تي مڪمل مالڪي جو اختيار سنڌ کي ڏنو وڃي ۽ خراب حڪمراني جي انتها تي پهتل سنڌ توڙي وفاق جي حڪمران جماعتن سميت سمورن بي ايمان سويلين، ملٽري ڪامورن ۽ سياستدانن جو احتساب ڪيو وڃي.

سنڌ اندر سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ منظم طرح سازشون ٿينديون رهن ٿيون، جنهن ۾ خاص طور ڪراچي اندر سنڌين کي ڪمزور ڪرڻ ۽ انهن جي وڌندڙ آدمشماري کي گهٽائي پيش ڪرڻ يا ان آڏو رڪاوٽ وجهڻ لاءِ جيڪي به سازشون ٿي رهيون آهن، انهن کي بند ڪيو وڃي. سنڌ اندر رهندڙ ڪنهن به غير سنڌي کي ووٽ جو حق ۽ ملڪيت جي خريد ڪرڻ جو حق نه ڏنو وڃي، جڏهن ته سنڌ اندر رهندڙ غير ملڪين بشمول قبائلين، افغان پناهگيرن، بنگالين، برمين، بهارين وغيره کي نيڪالي ڏني وڃي.

ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني ڌرين گڏيل طور سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن جي رياستي ادارن هٿان زبردستي گمشدگي ۽ عدالت کان مٿانهن قتلن جي مذمت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته رياستي ادارن طرفان اهڙو عمل انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي، جنهن کي هڪدم بند ڪيو وڃي.

ڪانفرنس جي پڄاڻي تي سنڌي فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو شريڪ ٿيندڙ سڀني پارٽين جي اڳواڻن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته سنڌ جي انهن ٻرندڙ  مسئلن کي هـُو آمريڪا جي رياستي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو ۽ اميد ڪئي ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين، آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ آمريڪي سرڪار جي وچ ۾ سنڌي فائونڊيشن هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندي ته جيئن سنڌ کي درپيش خطرن کان بچائي سگهجي.

 

ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو

صدر

سنڌي فائونڊيشن، واشنگٽن ڊي . سي، آمريڪا